سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي

سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي

سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي

سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي (ڪتاب): هي ڪتاب ’سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي: لداخ کان شاهه بندر تائين‘، اصل ۾ بي. بي. سي لنڊن سان لاڳاپيل نامور صحافي ۽ اردو اديب رضا علي عابديءَ جي ڪتاب ’شير دريا‘ (سندهو ڪي ڪهاني: لداخ سي شاهه بندر تڪ) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامور اديب گل حسن ڪلمتيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌو درياهه جي وارتا بيان ڪيل آهي. هن ڪتاب جي اهميت اها آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌو درياهه بابت هن کان اڳ ڇپيل ڪتابن کان وڌيڪ اهم ۽ نئين معلومات شامل ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ هي سنڌوءَ جو سفر ويجهڙائيءَ ۾ ڪيل سفر آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي سمورن سفرن جون ڪهاڻيون، انهن جي اڄ سان ڀيٽ ۽ نئين زماني جي تبديلين کان پوءِ، اڄوڪي صورتحال بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن سان آباد وسندين، ماڻهن، سندن ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، سندن جذبن، احساسن، دوستين دشمنين، مذهبي لاڳاپن، زندگيءَ جي ڏکن ۽ اميد جي ٽمڪندڙ ڏيئن جي پاڇن ۽ مايوسين جي تيز اُس ۾ زندگي گذاريندڙن جي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ تاريخي تصوير پيش ڪرڻ سان گڏ پاڻيءَ/ درياهه جي ڪنارن تي ساهه کڻندڙ ماڻهن جا رايا به هن ۾ شامل آهن ۽ سنڌو، ڪيئن سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ آهي، اُن جو به نقشو چٽيو ويو آهي.
80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن رضا علي عابديءَ جو بي. بي. سيءَ تان ’شير دريا‘ جي نالي سان مقبول پروگرام هلندو هو ته ان کي رڪارڊ ڪري، ان جو سنڌي ترجمو قسطوار، گل حسن ڪلمتي ’عوامي آواز‘ ۾ شايع ڪندو هو، پڙهندڙ ان جي سحر ۾ وٺجي ويندا هئا. گهڻي عرصي بعد جڏهن رضا علي عابديءَ جو اهو سنڌوءَ جو سفر ڪتابي صورت ۾ ’شير درياءَ‘ جي نالي سان ڇپيو ۽ ان جي ميانواليءَ ۾ مهورت ڪرائي وئي، تڏهن گل حسن ڪلمتيءَ اهو اردو ڪتاب خري ڪري اُن جو سنڌيءَ ۾ خوبصورت ترجمو ڪيو. هن ڪتاب مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌوءَ جي نڪرڻ جو هنڌ هميشه ’مانسروور ڍنڍ‘ چيو ويندو هو ۽ درسي ڪتابن ۾ به ڪجهه لکيل هو. 1811ع ڌاري مور ڪرافٽ ڪيلاش واديءَ پهتو ۽ پوءِ 1907ع سويڊن جو رهاڪو سيون هيڊن (Seven Hedin) هڪ ٽيم سان مانسروور ڍنڍ جي اڀياس لاءِ پهتو ۽ کيس معلوم ٿيو ته سنڌو درياهه مانسروور ڍنڍ بدران ٿٻيٽ (Tibet) جي اولهه ۾ ڪيلاش واديءَ مان اُن هنڌان نڪري ٿو، جنهن کي ٿٻيٽ واسي ’سنگهي ڪباب‘ (شينهن جو وات) چون ٿا ۽ اتان جا ماڻهو هن درياهه کي ’سنگهي دريا‘ يعني ’شينهن درياهه‘ (The Lion River) چون ٿا. هن درياهه جي ڪنڌيءَ تي رگويد لکيو ويو.
هي ترجمو ڊيمي سائيز جي 352 صفحن واري پڪي جلد سان سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ، 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو